شھدادڪوٽ ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، باندي نوجوان بازياب

شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمررفيق ڀٽي) شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، 20 ڏينهن کان ناحق باندي بڻيل ھڪ نوجوان بازياب، ايس ايڇ او رياض عباسي رڪارڊ سميت اڄ عدالت ۾ طلب، سول جج سعيد احمد رند شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي 20 ڏينهن کان ناحق باندي بڻيل نوجوان اڪبر بروھي کي پوليس جي ڪوارٽر مان بازياب ڪرائي ورتو،  ناحق باندي بڻايل نوجوان واري معاملي تي سول جج سعيد احمد رند ايس ايڇ او اي رياض عباسي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس اڄ اڱاري ڏينهن رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. نوجوان اڪبر بروھي جي ڀاءُ ھڪ وڪيل جي معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ھئي ته سندس ڀا اڪبر بروھي کي اي سيڪشن پوليس ناحق گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.