تلهار: شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو

تلھار ۾ شھيد مير مرتضي ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قاتلن جي فوري گرفتاري لاءِ عوامي پريس ڪلب تلھار آڏو ٽئين ڏينهن به پي پي شھيد ڀٽو جي ضلعي اڳواڻن علي اڪبر جھيجو ۽ روشن علي سومرو جي اڳواڻي۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي پ پ شھيد ڀٽو تعلقي اڳواڻ مصطفي گاڏاھي،غفور دلواڻي،وھاب جتوئي،ديدار جتوئي صابر سمون ۽ فيصل ٽالپر  ۽ ٻين چيو ته اسانجي ملڪ ۾ انصاف اٽي ۾ لوڻ برابر چيو وڃي ٿو،  آخرڪار مير مرتضي ڀٽو ۽ سندس ساٿين جا قاتل آزاد ڇو پيا گھمن ، هنن چيو ته ھو بااثر قاتل قانون جي پڪڙ کان به آجا،قانون تي به بالادست آھن ،سندن چوڻ هو ته شھيد مير مرتضي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي سرعام ستر ڪلفٽن تي شھيد ڪہو ويو.  قاتل پنجويھ سال گذرڻ جي باوجود به آزاد پيا گھمن، ھنن وڌيڪ چيو ته شھيد مير مرتضي ڀٽو ان جي ساٿين جو ڪيس بس ڪجھ عرصو ھلائي بند ڪيو ويو. جيڪا نا انصافي جي حد آھي.  ھنن مطالبو ڪيو  ته  سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ ۾ شھيد مير مرتضي ڀٽو ۽ سندس ساٿين جو ڪيس ھلائي ايمانداري سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.