ڪرمپور ۾بدامني جي باهه، دڪان کي کاٽ، احتجاجي مظاهرو

ڪرمپور (رپورٽ : ايم ابراھيم شيخ ) ڪرمپور ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد انڊس هاء وي شيرڳڙه مل وٽ 5 نامعلوم جوابدار رات دير سان گل محمد جعفري جي ڪريانه دڪان کي کاٽ هڻي هزارين روپين سامان, روڪ رقم ۽ هوٽل جي استعمال جو سامان کڻي فرار ٿي ويا, دڪان مالڪ ۽ ڳوٺاڻن جو واقعي خلاف سخت احتجاج, احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪرمپور جي اڳوڻي ايس, ايڇ, او سرور ٻرڙو پاران پوليس اهلڪار تعنات ڪيا هئا جيڪي رات  جو دڪانن جي چوڪي ڏيندا هئا, موجوده ڪرمپور حسين علي شاهاڻي تعنات پوليس اهلڪار هٽائي ڇڏيا, جنهن جي ڪري چوري واقعو پيش آيو آهي, هنن ايس, ايس, پي ڪشمور ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته چوري واقعي جو نوٽس وٺي, ملوث جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي, ٻئي طرف ڪرمپور پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.