حيدرآباد ۾ بدامني، ايس ايس پي بدلي، ساجد سدوزئي مقرر

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ بدامني ۾ واڌ کانپوءِ ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ بدلي ٿي ويو. سندس جاءِ تي حيدرآباد ۾ نئون ايس ايس پي ساجد سدوزئي مقرر ٿي ويو آهي، اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ٿي ويو آهي.17

صحت ٺيڪ آهي، عوام افواهن تي پريشان نه ٿئي: ڊاڪٽر عبدالقدير

اسلام آباد  (م ڊ) سپريم ڪورٽ ناليوارو ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي آزادانه  چرپر تي پابندي خلاف داخل  درخواست 15 سيپٽمبر 2021ع تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. تفصيل مطابق جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهي ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ 15 سيپٽمبر اربع ڏينهن ڄاڻايل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي. هوڏانهن سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان پنهنجي صحت جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي  خبرن بعد وڊيو ۾ چيو آهي ته سندس صحت ٺيڪ ٿي رهي آهي، آئون بلڪل ٺيڪ آهيان، مون کي خدا تي يقين آهي ته وڌيڪ ڪيترائي سال زندگي ڏيندو ته جيئن پنهنجي دشمنن کي وڌيڪ ساڙي سگهان

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.