وفاقي حڪومت جو ايندڙ عام چونڊون نئين مردم شماري تحت ڪرائڻ جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر 2023 جون عام چونڊون نئين مردم شماري تحت ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوري کانپوءِ مردم شماري تي ڪم شروع ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ وفاقي وزير علي زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته مردم شماري ڪراچي جو وڏو مسئلو رهيو آهي، سنڌ حڪومت مردم شماري جي سڄي ڊيٽا گڏ ڪئي ۽ پاڻ ئي احتجاج ڪيو، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي مردم شماري ڪئي ويندي، جنهن ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي شامل رکيو ويندو، نئين مردم شماري 18 مهينن ۾ مڪمل ٿيندي.

هن چيو ته هڪ سال اڳ وزيراعظم ڪراچي لاءِ تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، ڪراچي لاءِ گرين لائن منصوبو مڪمل ٿي چڪو آهي، ايندڙ هڪ مهيني ۾ رهيل ڪم مڪمل ٿي ويندا.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ننڍا ننڍا ڪم به ڪنداسين، وفاقي حڪومت 11 لک ٽن ڪچرو هتان کڻي رهي آهي، احساس پروگرام تحت 7 ارب رپيا ڪراچي جي شهرين تائين پهچايا آهن.

اسد عمر چيو ته ويڪسينيشن سينٽرن ۾ سنڌ جي وزيرن جون وڏيون وڏيون تصويرون نظر اچي رهيون آهن، وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ 10 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪورونا ويڪسين فراهم ڪري چڪي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت اڃا تائين ويڪسين جو هڪ به ڊوز ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي.

وفاقي وزير موجب هلندڙ مالي سال ڪراچي لاءِ 21 ارب رپيا رکيا آهن، وفاقي حڪومت سنڌ ۾ 65 ارب رپيا لڳايا آهن، وفاق ڪي اليٽرڪ بلن ذريعي ڪي ايم سي جو ٽيڪس وٺڻ جي اجازت نه ڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.