نائن اليون حملن کي 20 سال مڪمل

نيويارڪ(م ڊ) 20 سال اڳ القاعده جي دهشتگردن عالمي طاقت آمريڪا کي للڪاريو هو، زخمي قوم دهشتگردي خلاف جنگ جو  اعلان ڪري ڇڏيو، آمريڪا ۾ نائن اليون حملن کي 20 سال مڪمل ٿي ويا آهن، 3 هزار ماڻهو مارجي ويا هئا، هڪ آمريڪي تاريخدان اسٽيفن ويرٿ هائم چيو ته آمريڪي سياستدانن هڪ پوري ملڪ ۽ خطي کي نئين سر سان ڊيزائن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جرمن تاريخدان بيرننڊ گرائنر چيو ته آمريڪا دنيا خاص طور تي عرب دنيا کي اهو باور ڪرائڻ چاهي پيو ته ڪو به مستقبل ۾ ان سان الجهندو ته اهو پنهنجي بقا داءُ تي لڳائيندو، افغانستان ۽ عراق ۾ آمريڪي ڪارروائي علامتي حيثيت رکي ٿي، بش جي اعلان ڪيل جنگ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ جنگ بڻجي وئي، زوهائنس ٿم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تقريبن 9 لک 30 هزر انساني جانيون ضايع ٿيون، آمريڪا کي اربين ڊالر نقصان ٿيو، 2003 ۾ بش پاران عراق تي حملي جو ڪو به قانوني جواز نه هو، صدام حسين جي نائن اليون جي حملي آورن سان ڪنهن به قسم جي رابطن ۽ تباهي ڦهلائيندڙ هٿيارن ٺاهڻ جي دعويٰ ڪوڙي نڪتي، ان دوران شدت پسند تنظيم دولت اسلاميه پروان چڙهي، وچ اوڀر ۾ ايران جي حمايت يافته مليشيا پکڙجڻ لڳي، پوءِ به دهشتگردي ختم نه ٿي، هر وڏي يورپي ملڪ ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ حملا ٿيا آهن،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.