ڪوڊ ويڪسين جي غلط ڊيٽا اينٽري روڪڻ لاءِ حڪومت جو وڏو قدم

ڪورونا ويڪسين جي غلط ڊيٽا اينٽري روڪڻ لاءِ اين سي او سي نئون سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو.

پنجاب جي صحت کاتي موجب ڪمپيوٽر آپريٽر ڪوڊ کان سواءِ ويڪسين ڊيٽا جي اينٽري نه ٿي سگھندي، ڪيترائي ماڻهو  ويڪسين لڳرائڻ کان سواءِ ڊيٽا اينٽري ڪرائي رهيا هئا ۽ ڪجهه رپين جي عيوض غلط ڄاڻ سسٽم ۾ اچي رهي هئي جنهن کي روڪڻ لاءِ اين سي او سي ڪوڊ سسٽم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

صحت کاتي جو چوڻ آهي ته هاڻ ڊيٽا اينٽري کان اڳ ڪمپيوٽر آپريٽر کي ٽيلي فون تي ڪوڊ موصول ٿيندو جنهن جي مدد سان ڊيٽا اينٽري ٿيندي.

You might also like
1 Comment
  1. sayed zain ali says

    اباڙي مري وياسين، وري حڪومت وڏو قدم کڻي ڇڏيو

Leave A Reply

Your email address will not be published.