ڪوٽڙي:قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي پاران 14 سيپٽمبر تي ڌرڻي جو اعلان

ڪوٽڙي ۾ قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي پاران 14 سيپٽمبر تي ڊي سي ڄامشورو ۽ گئس فيلڊ ڪمپنين خلاف احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪندي رابطا مھم شروع ڪئي وئي، قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي پاران ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي پهچي خدا بخش ٿيٻو ,غلام شبير ٻنگ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفي جو سمورو ڌيان نوري آباد جي زمينن طرف آهي جڏهن ته ضلعي جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي به نه ٿو ملي،  هنن وڌيڪ ٻڌايو ته گئس فيلڊ ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران ٻاهر جي ماڻهن کي ڀرتي ڪن ٿيون، ڪمپنين مان ملندڙ فنڊ خبر ناهي ڪٿي خرچ ڪيا وڃن ٿا، اسان جي علائقن مانجهند تعلقي جي 25 وڏن ڳوٺن ۾ پيئڻ پاڻي جي سهولت ناهي، گئس ناهي ڊي سي اسان جي هلندڙ تحريڪ دوران واعدا ڪيا ته پيئڻ پاڻي ,گئس ڏيڻ سميت مقامي ماڻهن کي روزگار ڏينداسين پر ڪجهه به نه ڏنو ، هنن چيو ته ڊي سي سڀني ڳالهين تان ڦري ويو آھي، هنن چيو ته اسان ڀرپور ڌرڻو هڻنداسين ان حوالي سان علائقي جي برادرين ,سياسي سماجي ڌرين کي دعوت ڏني آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.