ڪوٽڙي ۾ گهر تي حملو، زال زخمي، ڌيءُ اغوا ڪوشش، احتجاج

ڪوٽڙي (  ت ر ) ڄامشورو شهر جي غريب آباد واري علائقي جي رهواسي مولانا غلام علي مڱريو ڄامشورو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته هڪ مهينو اڳم پاڙي ۾ منشيات کپائيندڙ اختر عرف اخو جوڻيجو مون گهر آڏو شراب، چرس، آفيم، هيروئن ۽ آئيس کپائڻ کان منع ڪيو ته هن مڇرجي پنهنجي ساٿين يوسف جوڻيجو، زمان جوڻيجو، محمد جوڻيجو ۽ ٻن مامعلوم ماڻھن کي ساڻ ڪري منهنجي گهر تي حملو ڪرڻ دوران هنن مون کي ۽ منهنجي گهر واري کي زخمي ڪري وڌو ۽ منهنجي 13 ورهين جي نياڻي پارس کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون، جنهن دوران رڙين تي پاڙيسرين پهچي ننڍڙي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو ۽ اسان کي اسپتال پهچايو، واقعي جي FIR به داخل ڪرائي آھي پر پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران جوابدارن سان اڏي جي منٿلي مقرر ڪري ڇڏي آھي، جنهن ڪري جوابدار پاڙي ۾ منشيات کپائي نوجوان نسل جون زندگيون تباهه ڪرڻ سان گڏ مون کي به قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، هن چيو ته جلد جوابدار گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏيڻ سان گڏ علائقي جي نوجوان نسل کي منشيات جي لت بچايو وڃي، هن اهو به چيو ته جيڪڏھن جوابدار گرفتار نه ٿيا ۽ مون کي يا منهنجي گهر ڀاتين کي ڪو نقصان پهتو ته ان جو ذميوار ايس ايس ڄامشورو، ايس ايڇ او ڄامشورو ۽ جاچ آفيسر هوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.