ٽنڊو آدم ۾ 3 هٿياربند عورتن پاران گهر ۾ ڌاڙو

ٽنڊو آدم(ن ع آ) ٽنڊي آدم شهر جي آسنداس پاڙي ۾ ڦر جي انوکي واردات  ٿي آهي 3 نامعلوم هٿياربند عورتون  گهر اندر داخل ٿي گهر وارن  کي يرغمال بڻائي گهر اندر پيل 3 تولا سون، 3 تولا چاندي،  3 لک روپيا روڪ رقم، گهڙيون، موبائل ۽ قيمتي ڪپڙن جا جوڙا کڻي فرار ٿي ويون، گهر مالڪ محمد حبيب انصاري پوليس کي اطلاع ڏنو ايس ايڇ او سٽي واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا آهن ، گهر ڌڻي جي گهرواري ٻڌايو آهي ته عورتن چيو تنهنجي مڙس جا۽ جو سودو ڪيو آهي اهي پئسا ڪٿي پيل  آهن منهنجي  انڪار ڪرڻ تي عورتن هٿيارن جا بٽ هنيا ۽ المارين جون چاٻيون زبردستي ڦري گهر اندر پيل  3 تولا سون 2 تولا چاندي 3 لک روپيا روڪ رقم 4 وڳا گهڙيون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويون شهر اندر پهريون ڀيرو ٿيل عجيب ڦر جي واقعي کان پو۽ بي چيني وڌي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.