مهراڻ ٽائون واقعو: فيڪٽري مالڪن جي ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مقامي عدالت مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري کي باهه لڳڻ واري واقعي جي ڪيس ۾ فيڪٽري مالڪن جي ضمانت ۾ 7 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ڪراچي جي سيشن عدالت ۾ مهراڻ ٽائون واقعي جي ڪيس ۾ پلاٽ مالڪ، فيڪٽري مالڪ ۽ مينيجر جي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪيس جو رڳو ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي، 2019ع ۾ جاءِ مسواڙ تي وٺي فيڪٽري قائم ڪئي وئي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته جتي فيڪٽري ٺهي اهو علائقي صنعتي آهي؟ جنهن تي وڪيل حسان صابر ٻڌايو ته سڄو علائقو انڊسٽريل ايريا آهي، ڪيتريون ئي فيڪٽريون قائم آهن، فيڪٽري ۾ ڪيميڪل جهڙي ڪا به شيءِ موجود نه هئي جڏهن ته مالڪن جي آفيس به فيڪٽري ۾ موجود آهي، جاچ ٿيندي ته ادارن جي غلطي سامهون ايندي، جاچ ۾ جنهن جو ڀائٽيو فوت ٿيو ان کي جوابدار بڻايو ويو.

جوابدارن جي وڪيل چيو ته بلديه سانحي ۾ ليبر ڊپارٽمينٽ سوڌو ٻيهن ادارن کي به شامل ڪرڻ گھرجي ها، جوابدار جاچ ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن ضمانت منظور ڪئي وڃي، واقعي کان اڳ بجلي بند هئي، بجلي اچڻ تي شارٽ سرڪٽ ٿيو.

وڪيل وڌيڪ چيو ته جيڪي  جوابدار نامزد ڪيا ويا انهن جون آفيسون به انهيءَ فيڪٽري ۾ آهن، فائر برگيڊ وٺڻ ويا ته اتي رڳو ڊمي گاڏيون بيٺل هيون، ٻي پاسي باهه وسائيندڙ گاڏين ۾ پاڻ به نه هو، واٽر ٽينڪر مان پاڻي ڀريو ويو، ڪلنگ نه ٿيڻ سبب ماڻهو فوت ٿيا.

جوابدارن جي وڪيل جو چوڻ هو ته ڇت تي تالن جي ڳالهه سان بلديه ٽائون فيڪٽري جو واسطو نه آهي، تالي ۽ ڪيميڪل جو ان واقعي سان ڪو به واسطو نه آهي، ڪيس ۾ فائربرگيڊ، سول ڊفينس ۽ منسٽري آف انڊسٽري کي به نامزد ڪيو وڃي.

جاچ آفيسر ٻڌايو ته فيڪٽري مالڪ برطانوي شهري آهي، جوابدار فرار ٿي ويندا، ماڻهو سڙي رهيا هئا ته در بند هئا، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪو سهڪار ناهي ڪري رهيو ان سان ڇا ڪرڻو آهي قانون ۾ موجود آهي.

جوابدارن جي وڪيل چيو ته فيڪٽري مالڪن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڌمڪائي رهيا آهن.

ٻڌڻي دوران عدالت ۾ متاثرن جا وارث به پهتا، وارثن چيو ته اسان رڙيون ڪندا رهياسين پر ڪنهن به نه ٻڌي، اسان جو ٻار اسان جي سامهون رڙيون ڪندي ڪندي هليو ويو، بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته بچائڻ به نه ڏنو ويو.

جنهن کان پوءِ عدالت فيڪٽري مالڪن جي ضمانت ۾ 7 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.