قمبر ۾ گوپانگ برادري جو چڱو مڙس سڪندر گوپانگ قتل

قمبر( ڊر) قمبر ۾ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو ڪائونسلر گوپانگ برداري جو نيڪ مرد سڪندر علي موڪائي گوپانگ قتل ٿي ويو. سڪندر گوپانگ کي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن صبح سوير واڪنگ ڪندي وڳڻ روڊ  نادرا آفيس کان فائرنگ ڪري قتل ڪيو. نيڪ مرد جي قتل جي خبر پوڻ سان ئي سوين گوپانگ برداري جا ماڻهو ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو مقتول سڪندر علي گوپانگ جي پٽ زاهد علي گوپانگ جي مدعيت ۾ سندس ئي برداري جي ماڻهن سهراب عرف ڪالي بام گوپانگ ۽ سندس ڀاءُ راجا گوپانگ ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن مٿان سٽي ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪئين وئي آهي جوابدار مقتول جي ئي محلي باگوديرو جا رهواسي هيا . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.