لالو رائنڪ : 3 مهينا اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان گھر پهچي ويو

3 مهينا اڳ پکي مان اغوا ٿي ويل نواجوان گھر پهچي ويو.

3 مهينا اڳ پکي  چانھه پيئڻ لاءِ ويل نوجوان عامر مرکنڊ  ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويو هو  جنهن کان پوءِ ڌاڙيل رات 1 بجي کيس وڳڻ باء پاس لڳ مسڻ پمپ وٽ ڇڏي ويا.

رابطو ڪرڻ تي  مغوي نوجوان  عامر مرکنڊ ٻڌايو ته  ڌاڙيلن  کيس زنجير هڻي قيد ڪري ڇڏيو هو وارثن پاران قرآن پاڪ گهمائڻ سبب ڌاڙيلن آزاد ڪيو .

نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان جي گھر موٽي اچڻ تي عيد جهڙي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.