”پارٽي تياريون ڪري ڪنهن به وقت عام چونڊون ٿي سگهن ٿيون“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن به وقت عام چونڊون ٿي سگهن ٿيون، پيپلز پارٽي کي تياري شروع ڪرڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته وڏين قوتن جو مقابلو ڪرڻو آهي ته پاڻ ۾ اختلافن کي ختم ڪرڻو پوندو.

آزاد ڪشمير چونڊن تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اليڪشن ۾ کليل نموني ڌانڌلي ٿي رهي آهي، ڌانڌلي جي باوجود پ پ وڏي مخالف ڌر پارٽي جي طور تي آڏو آئي آهي.

هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ به پي ٽي آءِ کي ٽف ٽائم ڏئي رهيا آهيون، ڪنهن به وقت عام چونڊون ٿي سگهن ٿيون، پ پ کي تياري شروع ڪرڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان وفاق ۽ ايم ڪيو ايم جو مقابلو ڪيو.

ڪراچي جي مسئلن تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي کي رڳو پيپلز پارٽي ئي بچائي سگهي ٿي، ڪراچي ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي، صوبي سان ناانصافي ٿي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته وزير اعظم واعدو ڪيو هو ته پاڻي جي لاءِ منصوبو کڻي اينداسين، وزير اعظم ڪراچي جي لاءِ پاڻي جو ڪو به بندوبست ناهي ڪيو.

پ پ چيئرمين چيو ته اسان تنظيم جي ذريعي يقيني بڻائينداسين ته ڪراچي ۾ پاڻي جي چوري نه ٿئي، اسان ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته مسئلن جي حل لاءِ سياسي ۽ انتظاميا توازن قائم ڪرڻو پوندو، ڪراچي جي روڊن تي بسون آڻڻ شروع ڪنداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بيرزوگاري، مهانگائي، غربت بابت پي ٽي آءِ جي پاليسين سبب عوام ٻڏي پيو.

هن دعويٰ ڪئي ته ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي، ايندڙ حڪومت بڻائڻي آهي ته ڪراچي جي سيٽن جي ضرورت پوندي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪراچي کان ڪشمير تائين پي ٽي آءِ جو صفايو ڪنداسين.

هن چيو ته ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ پيپلز پارٽي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ماضي ۾ به سنڌ سان ناانصافيون ٿيون ۽ اڃا به جاري آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.