ٺٽي جي 5 هزار ايڪڙ زمين ڄام شوري ۾ ڄاڻائي وڪرو، وڏي وزير جو نوٽيس، تعميراتي ڪم بند

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) جهمپير جي هزارين ايڪڙ ڪوهستاني سرڪاري زمين ڄامشوري ضلعي ۾ڄاڻائي سرمائيدارن کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، روينيو کاتو ڀاڱي ڀائيوار، سڄاڻ ڌرين ۾ ڪاوڙ جي لھر،  ڪوھستان واسين عيد بعد ٺٽو ڄامشورو دنگ تي ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نوري آباد جي صنعتي اداري ويجهو ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني پٽي جي ديهھ ڪوهستان 7 ڀاڱي 1 تپو جهمپير جي مڪان گوگڙو ۽ کاريون جي زمين ڪلو کوهر جي 5 ھزار ايڪڙ زمين تعلقي ٿاڻو بولا خان ضلعي ڄامشورو ۾ ڄاڻائي وئي آهي، ماپ ۽ نقشي جي تياري دوران انڪشاف ٿيو آهي ته  ڄاڻايل  زمين ڏيڍ ميلن تائين ٺٽي جي ڪوهستاني حدن اندر داخل ڪري اووَر ليپ ڪري ڦير ڦار ڪئي وئي آهي، بااثر لينڊ مافيا ۽ بروڪرن روينيو رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪرائي وڏي جعلسازي ذريعي جهمپير جي اربين روپين جي 5 هزار ايڪڙ ايراضي زمين ڄامشورو ضلعي جي ڄاڻائي نوري آباد جي سرمائيدارن کي وڪرو ڪري ڇڏي آھي، صنعتي اداري لبرٽي ڪمپني جعلسازي ذريعي خريد ڪيل جهمپير جي ڪوهستاني زمين تي صنعتي ادارن ۽ هائوسنگ اسڪيمن لاءِ اڏاوتي ڪم به شروع ڪرائي ڇڏيو. ٺٽي ضلعي جي زمينن تي ٿيندڙ والار خلاف سڄاڻ ڌرين سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي رڪارڊ جي ھيرا ڦيري جو ذميوار روينيو کاتي جي عملدارن کي قرار ڏيندي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي جي گھر ڪئي آھي. هوڏانهن اڳوڻي ايم اين اي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ٻڌايو ته روينيو رڪارڊ ۾ وڏي جعلسازي ذريعي ٺٽي ۽ ڄامشوري جي ڪوهستاني حدن ( بائونڊريز ) سان  ڇيڙ ڇاڙ ڪري نقشي ۾ اووَر ليپ ڪري ٺٽي جي قيمتي زمين ڦٻائي وئي آهي، ڪوهستان ۾ وڏي لينڊ مافيا جعلسازي ذريعي لکين ايڪڙ زمين وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو آهي، جنهن خلاف اعليٰ  اختياريون ۽ جاچ ادارا نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪن. ياد رهي ته 2013ع ۾ پڻ ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني پٽي جي زمين ڦٻائڻ لاءِ اھڙي جعلسازي ذريعي ٺٽي جي 40 ھزار ايڪڙ زمين جي رڪارڊ ۾ ھيرا ڦيري ڪئي وئي ھئي، جنھن خلاف ان وقت جي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو رڪارڊ ۾ ھيرا ڦيري خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ھئي، جنھن تي سپريم ڪورٽ جي معزز ججن جعلسازي ذريعي ٺاھيل رڪارڊ کي رد ڪندي زمين جي اصل حقدارن کي کاتا الاٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو. هوڏانهن ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي جي زمينن تي ٿيندڙ والار خلاف ڪوھستان واسين احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ ڪوھستان جي سماجي شخصيت ۽ پ پ شھيد ڀٽو جي صوبائي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير پالاري چيو ته گذريل ڪافي سالن کان ٺٽي ضلعي خاص طور تي ڪوھستان ۾ غير قانوني طور ھتان جي صدين جي رھاڪو ماڻھن جي زمينن تي والار ٿي رھي آھي، ھزارين ايڪڙ زمين ڏيھي توڙي پرڏيھي ڪمپنين کي الاٽ ڪئي وئي آھي ۽ ھاڻي وري جعلسازي ذريعي ٺٽي جي 5 ھزار ايڪڙ زمين ڄامشوري ضلعي جي ڄاڻائي سرمائيدارن کي وڪرو ڪئي وئي آھي، ٺٽي جي زمينن جي کاتن ۾ ٿيندڙ جعلسازي ۾ سنڌ حڪومت ۽ روينيو کاتو ملوث آھن. ھن چيو ته ڪوھستان جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف عيد بعد ڄامشورو ۽ ٺٽي ضلعي جي دنگ جھمپير روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويندو. ڪوھستاني پٽي ۾ ڌارين جي آبادڪاري، زمينن تي ٿيندڙ والار سميت بحريا ٽائون انتظاميا جون مقامي ماڻھن سان ٿيندڙ زيادتيون ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيون وينديون،

ٺٽو: ٺٽي جي ڪوهستاني علائقي جهمپير  جي قيمتي زمين ڄامشورو ضلعي جِي ڄاڻائي بااثر صنعتڪارن کي وڪرو ڪرڻ واري مامري بابت ميڊيا تي خبرون ھلڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيّد مراد علي شاھ معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي سي ٺٽو کي فوري طور تي اڏاوتي ڪم بند ڪرائي حدبندين کي واضع ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ ڊي سي ٺٽو غضنفر علي قادري جي حڪم تحت مختيار ڪار ٺٽو اقتدار رسول بھراڻي جي اڳواڻي ۾ روينيو کاتي جي ٽيم پوليس ساڻ ڪري نوري آباد روڊ لڳ والار هيٺ آندل زمين تي پهچي ويئي. انتظاميا پاران لبرٽي ڪمپني کي صنعتي ادارن توڙي هائوسنگ اسڪيمن لاءِ شروع ڪرايل اڏاوتي ڪم فوري طور بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. انتظاميا  جي حرڪت ۾ اچڻ بعد سرمائيدارن کي جعلسازي ذريعي زمين وڪرو ڪندڙ بااثر لينڊ مافيا مقامي بااثر ماڻھن توڙي بروڪرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي، ياد رهي ته ڄامشوري ضلعي جي تعلقي ٿاڻو بولا خان جي ديهھ ڪلو کوهر جي زمين ڄاڻائي جهمپير جي ڪوهستاني زمين جي کاتن ۾ جعلسازي ڪئي ويئي آھي.جهمپير جي ديهه 7 ڀاڱي 1 مڪان گوگڙو، ھاڙھو ۽ کاريون جي 5 هزار ايڪڙ زمين جي رڪارڊ ۾ ھيرا ڦيري جو وڏي وزير جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ انتظاميا جي شروع ڪيل ڪارروائي کانپوءِ ڪوهستان جي زمينن تي والار ڪندڙ بااثر شخصيتون پراسرار نموني منظر تان غائب ٿي ويون آھن. جاچ ڪندڙ ادارن به معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنھن ڪري وڏي ڪارروائي ٿيڻ جا امڪان آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.