سنڌ حڪومت ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙن تي وڏي پابندي هڻي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس ايس او پيز جو نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت سياحتي ماڳن تي ڪورونا ويڪسي نيشن نه ڪرائيندڙن جي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي جي حڪم نامي موجب ويڪسي نيشن نه ڪرائيندڙ سياحن جي هوٽل بڪنگ به نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، سياحتي ماڳن تي ايندڙن جي ريپڊ انجٽيجن ٽيسٽ ڪرڻ جا بندوبست ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

حڪم نامي موجب مسافر بسن ۽ ريل گاڏين ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ مسافر ويهارڻ تي پابندي هوندي، شاپنگ مالز ۽ واپاري مرڪزن تي مقرر وقت جي پابندي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي جي حڪم نامي موجب پيٽرول پمپ، اسپتال، ميڊيڪل اسٽورز، کير جا دڪان ۽ ريسٽورنٽ جي ٽيڪ اوي سروس 24 ڪلاڪ کليل رهندي جڏهن ته شادي هالن جي اندر 200 جڏهن ته کليل هوا ۾ 400 مهمانن جي اجازت هوندي. شادي هالن ۾ ايندڙ مهمانن جي ويڪسي نيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي جڏهن ته عوامي ماڳن تي ماس پائڻ به لازمي لاڳو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.