ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، حيدرآباد ۽ ڄامشوري اسپتالن ۾ ايمرجنسي

حيدرآباد(رپورٽر) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر محمد صديق پهوڙ  ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌاري. ارڙي ۽ ٽائيفائيڊ سميت ٻين وبائي بيمارين جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي سول اسپتال حيدرآباد ۽ ڄامشورو ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي سمورن ڊاڪٽرن. نرسن ۽ پيراميڊيڪل عملي جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون آهن. ڊاڪٽر محمد صديق پهوڙ انتظامي آفيسرن سان گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. برساتن جي نتيجي ۾ مليريا. ٽائيفائيڊ ۽ ڊائريا جهڙين بيمارين جي پکيڙ خدشي ۽ ٻهراڙي ۾ نانگ جي ڪکڻ جي ڪري مريضن جي تعداد ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ان ڪري اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڊاڪٽرن سميت سموري عملي کي هر صورت ۾ حاضر رهڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.