عيدالاضحيٰ: پي آءِ اي مسافرن کي وڏي سهولت ڏئي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مسافرن کي وڏي سهولت ڏئي ڇڏي.

پي آءِ اي اعلان ڪيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مسافرن لاءِ ڪراچي کان 20 واڌو اڏامون هلايون وينديون، ڪراچي کان اسلام آباد لاءِ 14 ۽ لاهور لاءِ 6 واڌو اڏامون هلايون وينديون، ان دوران بوئنگ 777 جهاز استعمال ٿيندا.

پي آءِ اي ترجمان موجب مجموعي طور تي ڪراچي اسلام آباد لاءِ 14 اڏامون هلايون وينديون، اسلام آباد لاءِ روز 4 اڏامون آپريٽ ٿينديون، جڏهن ته ڪراچي کان لاهور لاءِ 6 واڌو اڏامون آپريٽ ڪيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.