سکر لڳ پوليس مقابلو، ڏوهاري گرفتار، هٿيار هٿ

سکر ( رپورٽر ) سکر جي علائقي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ۾ هڪ خطرناڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون جو چوڻ آهي ته سائيٽ ايريا پوليس پاران مقابلي دوران هڪ خطرناڪ ڏوهاري صدر عرف صدرو عرف عاشق کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان اسلحو هٿ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن جن جي گرفتار پڻ چاپا جاري آهي، ايس ايس پي سکر موجب گرفتار جوابدار مٿان مختلف ٿاڻن تي اغوا، ڦرن، چورين سميت ڪيترائي ڪيس داخل آهي جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.