لاهور ۾ عمارت ڪِري پئي، هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا فوت

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي وسن پوره شاد باغ ۾ ٻه ماڙ زبون حالي عمارت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ريسڪيو اختيارين موجب وسن پوره ۾ زبون حالي ٻه ماڙ عمارت ڪِرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

فوت ٿيلن ۾ هڪ سال جو ابراهيم، 7 سالن جي مناهل ۽ سندس پيءُ رضوان، ماءُ مهوش، پڦي رابعه ۽ ڏاڏي سميرا شامل آهن.

ريسڪيو لاش کي ملبي مان ڪڍي ڪوٽ خواجا سعيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.