نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو، فريد آباد ۾ وارثن جو مظاهرو

فريدآباد ( ن ع آ )   فريدآباد  واسي  مقتول منٺار چانڊيو  جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن سندس ڀاءُ غلام علي چانڊيو ،نظير چانڊيو، نديم  چانڊيو  ۽ ڪريم بخش چانڊيو  احتجاج ڪندي چيو ته مقتول منٺار چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار سرعام گھمي رھيا آهن، جوابدار ڪيس مان ھٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن، اسان غريب مسڪين پورھيت آھيون، اسان کي  ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، ھنن چيو ته جوابدار چون ٿا ته توھان ڪيس تان ھٿ کڻو يا توھان جا گھر ساڙينداسين ۽ توھان کي مارينداسين،  ھنن چيو ته جوابدارن مان اسان کي  خطرو آهي اسان کي ۽ اسان جي فيملي کي ڪجهه به ٿيو ته ڪيس ۾ گھربل جوابدار زميوار ھوندا، آءِ جي سنڌ ايس ايس پي دادو گھربل جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي صورت اسان مرد عورتون قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.