خانپور مهر لڳ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

خانپورمهر( ن ع آ ) خانپورمهر ويجهو عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ سجاول ملڪ ۾ پراڻي تڪرار تان ملڪ برادري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو ٿي پيو،  جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو، جهيڙي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن دوران ڏنڊا بردار ماڻهو هڪ ٻئي کي ڏنڊا هڻي رهيا آهن جنهن دوران عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا جن کي عادلپور ٿاڻي تي آڻڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ مسمات حسنا، عبدالحميد، پير بخش ملڪ ۽ ٻيا شامل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾  ڪافي وقت کان تڪرار هلندڙ آهي جنهن سبب مسلسل ڇڪتاڻ هلندڙ هئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.