ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، چوريون روز جو معمول، احتجاج

ڀرياسٽي ( رپورٽ: مجيد ڪيريو ) ڀرياروڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چورين جي وارڌاتون  گهٽجي  نه سگهيون، گهر توڙي مسجدون غير محفوظ  بڻيل. شهري سخت پريشان، گذريل رات دير سان منظور ڪالوني مان اڻڄاتل چور تعمير ٿيندڙ گهر جي لوهي گيٽ موٽر ۽ سولر پليٽون  چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ساڳئي رات گوشت مارڪيٽ ۾ خليفا راشدين مسجد مان اڻڄاتل چور سولرجاپکا، موٽر، بيٽريون ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ بدامني خلاف صالح ڪيريو، نثار چنه مولوي شفيق آرائين ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته شهر اندرچورين جو آزار وڌي ويو آهي، پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، شهر ۾ وڌنڌڙ بدامني تي سخت ڳڻتي آهي، شهري راتيون  جاڳي گذاري رهيا آهن، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ايس ايڇ او بدلي ڪري  شهر اندر وڌيڪ پوليس نفري مقرر ڪئي وڃي ته جئين شهر ۾ امن بحال ٿي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.