پني عاقل لڳ هٿياربندن جو حملو، 4 زخمي، احتجاج

سکر (رپورٽر) پنو عاقل جو ڳوٺ موريجا جي رهواسي شيخ برادري جي عورتن، مردن جو مائٽن جي مبينه ڏاڍاين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين رياض شيخ،فداحسين، ڌڻي بخش، عبد الطيف، مائي وزيران ،انور خاتون، مائي خيران شيخ جو چوڻ هو ته گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ مائٽن نادر علي شيخ، معشوق علي، صادق علي، نديم ۽ خادم حسين شيخ هڪ مهينو اڳ گهر مٿان حملو ڪري گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بنائڻ بعد گهر ۾ رکيل قيمتي سامان کڻي وڃڻ سان گڏ گهر ۾ بيٺل ٻڪريون به ڪاهي ويا هئا، جنهن جي حد ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو جنهن سبب جوابدار موتمار ڌمڪيون پيا ڏين، مظاهرين ايس ايس پي سکر ،گهوٽڪي ۽ ٻين کان جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرائڻ جي گهر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.