نيب جي درخواست رد، شرجيل ميمڻ جي گهرواري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) جي درخواست رد ڪندي پيپلز پارٽي پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر شرجيل انعام ميمڻ جي گهرواري جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

صفد شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي.

صدف شرجيل جي وڪيل جو چوڻ هو ته سندس اصيل کي واپار ۽ ڌي سان ملڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻو پوندو آهي ان ڪري نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته شرجيل ميمڻ ۽ فيملي تي آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي.

نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته جوابدارا جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو ويو ته خدشو آهي ته هو واپس ئي نه اچي.

نيب پراسيڪيوٽر جو اِهو به چوڻ هو ته ڪجهه جوابدار احتساب کان ڀڄي رهيا آهن هنن جو ٽرائل به متاثر ٿيندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ صدف شرجيل جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.