اپوزيشن بجيٽ پڙهي پنهنجون تجويزون ڏئي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسان اپوزيشن سان سنجيده لاڳاپن تحت اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، اپوزيشن بجيٽ پڙهي پنهنجون تجويزون ڏئي.

پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته بجيٽ تي 10، 15 ڏينهن بحث هلڻو آهي، گوڙ ته ڪير به ڪري سگهي ٿو، حڪومت چُست هجي ته سڀ گڏ هوندا آهن، اها غلط فهمي آهي ته ڪوئي ڇڏي ويندو، ننڍي ننڍي ايڊجسٽمينٽ ٿيندي رهندي آهي.

سندس چوڻ هو ته ايڪسپورٽ وڌائڻ جو حڪومتي طريقي جيڪڏهن ٺيڪ ناهي ته اپوزيشن ٻڌائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.