باڊهه ۾ پيئڻ جو پاڻي بند، موٽر خراب، شهرين جو احتجاج

باڊھ  (ن ع آ) درگاھ محلي ۾ پئيڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي. ان سلسلي ۾ درگاھ چوڪ تي حاجي الھرکيو ڪانڌڙو، اسماعيل ڪانڌڙو، علي مشوري، پپو کوکر، توفيق احمد ۽ وسيم ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل ڏيڍ مھيني کان موٽر خراب ھئڻ جو جواز ڄاڻائي انتظاميا درگاھ محلي جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، لڳاتار پاڻي جي فراھمي بند ھئڻ سبب پالتو جانور اڃ وگهي موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ٻار ۽ بزرگ پيٽ ۽ چمڙي جي بيمارين جو شڪار ٿي پيا آهن، ھنن چيو ته باڊھ ۾ پاڻي بند آهي پر باڊھ کان 10 ڪلو ميٽر ڏور موٽر ذريعي پاڻي نصيرآباد شھر پھچايو وڃي ٿو جيڪا درگاھ ۽ شھر واسين سان سراسر زيادتي آهي،انجنيئر سعيد ٻگهيو کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر ھو اسان جي ھڪ به نه ٻڌي رھيو آهي ۽ لڳاتار بجيٽ گهٽ ھئڻ ۽ موٽر نه ھئڻ جو سبب ٻڌائي مسئلي کان ڪن لاٽار ڪري رھيو آهي. اعليٰ اختياريون درگاھ محلي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.