صنعان قريشي سميت قومي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف مختلف شهرن ۾مظاهرا،ڌرڻا

سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران بحريا خلاف احتجاج ڪرڻ تي جسقم چيئرمين صنعان قريشي سميت قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مٿن تشدد ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو اڄ به جاري رهيو ، ڀان سيد آباد ۾ اصغر سولنگي، شبير ٻرڙو،علي رضا چنا، امير بخش خشڪ، شوڪت مري ، صفر ڀنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مانجهند شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري انور مڱڻھار عنايت الله شاهاڻي گلشير کوسو تراب علي شاه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نٽهڻ اس ۾ ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، کوسڪي ۾ ميان خان کوسو, عبدالستار ٻرڙو, عمران کوسو, ايوب ڀٽي, ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڪشمور ۾ ايس ٽي پي جي اڳواڻ رفيق چنا جي اڳواڻي ۾ ۽ ايس يو پي ڪارڪنن حضرت الله مزاري  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ، کپرو ۾ آزاد ڪنڀر، مھراڻ سنڌي ،اڪبر مري، شوڪت بڙدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ميهڙ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي عوامي جمهوري پارٽي عوامي تحريڪ وڪيل برادري ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سڪندر سوڍر ايڊوڪيٽ سعيد پهنور ايڊوڪيٽ امتياز جتوئي عبدالحميد سومرو ايڊوڪيٽ اسحاق گاڏهي.حاجي خان مارفاڻي ظفر سولنگي اطهر پهنور ايڊوڪيٽ منصور چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻ  3 ڪلوميٽر احتجاجي مارچ ڪيو ويو، ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي , جسقم,ايس ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن پاران  اسٽيشن روڊ کان المدينا چوڪ تائين دريا خان لغاري,شبير ٻنگ, امجد مستوئي , شمشاد ميڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، قاضي احمد ۾ڌڻي بخش ڪلوئي ڏاڏو عثمان ٻگھيو ڪامريڊ ڏاڏو مهر ايم بي ڏاهري رياض ڪاڪيپوٽو غلام شبير سنگراھ ڪامريڊ ڪريم بخش گهلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ڌاٻيجي ۾ايس ٽي پي پاران عمر ناهيو لطيف شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،ڄامشورو ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ساگر جمن بڙدي، ڪامريڊ سومر خان جمالي, مبين تيوڻو, محمد بخش مري, ڪامريڊ جوشيلو سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو،ڏهرڪي ۾ امتياز ڀٽو. فقير رمضان تراب شر ميرحسن لاشاري. اڪرم ميتلو. لطف ميان شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، دوڙ ۾ ترقي پسند هائوس دوڙ کان بادل بروهي، مجاهد رستماڻي ، علي بخش لغاري ، ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي ، سعيد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جروار ۾ مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن  مهيش ڪمار محمد بخش گبول جميل بوزدار ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، سوڀوديرو ۾ جسقم ۽ سول سوسائٽي پاران حاڪم منگي ، شوڪت چنو ، اسد سومرو ، علي رضا ڀٽو جي اڳواڻي ۾ سوڀوديروشھر جي مين چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ، ڪوٽ غلام محمد ۾ زاھد خاصخيلي ,غازي خان  ,خان محمد رند, علي خان خاصخيلي , باقر کوسو, ساحل ڪمار, علي,وقار کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميرپوربٺورو ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ،جسقم جي ارباب ڀيل، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي عبدالغني ملاح، عوامي تحريڪ جي ساگر مجيد ۽ جيئي سنڌ محاذ جي نعمان شورو جي اڳواڻي ۾ علي بندر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شھدادڪوٽ ۾ حاڪم خان مستوئي، ڪامريڊ حيات تنيو، الطاف سومرو، امداد سومرو، شبير مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، بدين ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي. جسقم   يونائيٽڊ پارٽي عوامي تحريڪ پارٽين جي اڳواڻن شاھنواز سيال حيدر علي شاھ. صابر علي. راھمون  امير آزاد پنھور غلام قادر مراداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،راڄوخاناڻي ۾ مير عاشق ٽالپر پنھل نظاماڻي مير علي ٽالپر جي اڳواڻي ۾ ترقي پسند ھائوس کان سوين ماڻهن ۽ ڪارڪنن ريلي ڪڍي ،هالا  ۾ ايس يو پي، جسقم، ايس ٽي پي، سنڌ پروگريسو الائنس پارٽين جي ڪارڪنن  درگاهه سرورنوح کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. نوشهرو فيروز ۾ ايس پو پي، جسقم ۽ ايس ٽي پي، پ پ ش ڀ پاران خادم سيال، مهر وسطڙو، واجد لاشاري.  ساجد راڄپر ساگر  مستوئي ، اسد چانڊيو . حبيب مشوري۔ خالد چانڊيو۔ حبيب سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته  6 جون تي بحريا ٽائون آڏو لکين سنڌي ماڻهن جي شرڪت ڏسي سنڌ دشمن قوتون سازشن تي لهي آيون آهن. بحريا ٽائون اڳيان گڏ ٿيل لکين سنڌ جي پر امن ماڻھن جي ڌرڻي تي فائرنگ ۽ خطرناڪ قسم جي ڳوڙها آڻيندڙ گيس استعمال ڪرڻ ۽ سازشي اٽڪل بازيون ڪري پنهنجي ڪارندن هٿان بحريا ٽائون جي گيٽ ۽ پلازا کي باهيون ڏياري ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي قيادت ۽ ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آھي ۽ بنا جواز جي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد مهيسر ۽ ٻي مرڪزي قيادت کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ 120 کان وڌيڪ ڪارڪنن تي تشدد ڪري ڪوڙن ڪيسن ڦاسائي گرفتار ڪرڻ، مسلسل ڊاڪٽر قادر مگسي جي گهر جو گهيراءُ ڪرڻ قابل مذمت آهي، هنن چيو ته پي پي حڪومت ۽ زرداري مافيا سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ عيوض بحريا ٽائون جي ملڪ رياض کي وڪرو ڪيون پيون وڃن. بحريا ٽائون انتظاميه، سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس ۽ دهشتگرد پارٽي ايم ڪيو ايم هڪ پيج تي اچي ويون آهن. انهن سڀني سنڌ دشمنن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ ڪون ڏينداسين ۽ سنڌ حڪومت کي چتاءُ ٿا ڏيون ته بحريا ٽائون پاران ڪيل والار ختم ڪرائي، صنعان خان قريشي سميت مرڪزي قيادت ۽ سياسي ڪارڪنن تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو اڻ کٽ سلسلو جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.