عدالت جو وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ سنڌ ڪابينا جون پگهارون بند ڪرڻ جو حڪم

 

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ مارڪيٽ ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه ڏيڻ تي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ سڄي سنڌ ڪابينا ميمبرن جون پگهارون بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

مارڪيٽ ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه ملڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي 2 رڪني بئنچ جي جسٽس آفتاب ڳورڙ ۽ جسٽس فھيم صديقي ڪئي، جڏهن ته ڊي جي ايگريڪلچر، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ درخواستگذار  عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران جي ڊي ايگريڪلچر رپورٽ پيش ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته پينشن ڏيڻ جيترا فنڊ ناھن، اداري ۾ فنڊن جي کوٽ آھي، جنھن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪھڙي قانون جي تحت ملازمن جون پگھارون بند ڪيون ويون آهن.

عدالت سنڌ حڪومت کي حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن نه ڏني وئي ته ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيس گورنر ڏانھن اماڻيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.