ميرو خان تعلقي اندر ارڙي تيزي سان ڦهلجڻ لڳي،30 ٻارڙا بيماري ۾ مبتلا

ميروخان تعلقي اندر ارڙي تيزي سان ڦھلجڻ لڳي،  ڳوٺ چنا ۾ 30 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا ، جڏھن ته ارڙي ورتل معصوم ٻارڙن کي والدين طرفان علاج لاء تعلقه اسپتال ميروخان آندو ويو جتي موجود اسپتال انتظاميا طرفان ڊاڪٽر ۽ دوا موجود نه ھجڻ جا جواز ڄاڻائي کين واپس موٽايو پيو وڃي، شھرين جو چوڻ آھي ته اسان ڪيترائي ڀيرا پنھنجي معصوم ٻارن کي علاج لاء ميروخان اسپتال کڻي ويا آھيون پر اسان کي ڌڪا ڏيئي واپس ڪيو ويو ۽ پنھنجي من پسند ماڻھن کي دوا ڏني وڃي ٿي، علاج نه ٿيڻ ڪري اسان جا ٻار تڙپي رھيا آھن جن کي ڏسي نٿا سگھون،  شھرين ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ قمر رضا بلوچ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد اسان جي ٻارڙن جو علاج ڪرايو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.