سي پيڪ ذريعي اقتصادي رابطا سريلنڪا تائين وڌائي سگهجن ٿا: وزيراعظم

 

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا دهشتگردي جهڙن مسئلن کي منهن ڏنو آهي.

سريلنڪن هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجو هي دورو ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ آهي، پاڪستان چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو حصو آهي ۽ سي پيڪ ان جو اهم ترين پروگرام آهي، جيڪو علائقائي رابطن کي هٿي جا نوان رستا کوليندو.

هن چيو ته سي پيڪ ذريعي اقتصادي رابطا وچ ايشيا ۽ سريلنڪا تائين وڌائي سگهجن ٿا، سريلنڪا کي دعوت ڏيان ٿو ته پاڪستان ذريعي پنهنجي اقتصادي علائقائي رابطن کي هٿي ڏئي.

سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن دهشتگردي جهڙن مسئلن کي منهن ڏنو، پاڪستان 10 سال بدترين دهشتگردي جو شڪار رهيو ۽ 70 هزار جانين جي قرباني ڏني، سريلنڪا 30 سالن تائين دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان ان جي مدد ڪئي.

عمران خان موجب هاڻ اسان ڪورونا صورتحال ۾ هڪ ٻئي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ڄاڻان ٿو ته سريلنڪا به سياحت تي ڀاڙيندڙ ملڪن جيان ان وبا سان متاثر ٿيو آهي، ڪورونا وائرس دنيا ۾ عدم برابري کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري گڏيل قومن جهڙي عالمي تنظيمن کي اڳتي وڌي غريب ملڪن جو خيال رکڻ گهرجي.

وزيراعظم ان موقعي تي سريلنڪن هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.

ان کان اڳ سريلنڪن وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسا چيو ته ڪورونا وائرس ملڪ کي متاثر ڪيو آهي، وبا کان اڳ سياحت ۽ ايوي ايشن جي شعبن ۾ سرگرميون وڌي رهيون هيون.

هن ٻڌمت جي پيروڪارن لاءِ سياحت جا دَر کولڻ ۽ راندين جي شعبي ۾ سهڪار تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.

سندس چوڻ هو ته ٻئي ملڪ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف هڪٻئي جي مدد جاري رکندا، جڏهن ته غير قانوني منشيات، هٿيارن جي سمگلنگ ۽ ٻين سڀني غير قانوني سرگرمين خلاف ٻنهي ملڪن جون لاڳاپيل ايجنسيون رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.