جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس ۾ لارجر بئنچ قائم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس ۾ درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ 10 رڪني لارجر بئنچ جوڙي ڇڏي.

جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 6 رڪني بئنچ معاملو چيف جسٽس کي موڪليو هو، جنهن کانپوءِ هاڻ چيف جسٽس نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ 10 رڪني لارجر بئنچ جوڙي آهي.

جسٽس عمر عطا بنديال 10 رڪني بئنچ جي سربراهي ڪندو، جڏهن ته بئنچ ۾ جسٽس فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس ۾ اختلافي نوٽ لکندڙ جج به شامل آهن.

ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس مقبول باقر بئنچ جو حصو آهن، جڏهن ته جسٽس امين الدين خان کي جسٽس فيصل عرب جي رٽائرمينٽ سبب بئنچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي پهرين مارچ تي ٿيندي.

واضح رهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس ۾ نظرثاني درخواستون داخل ڪيون ويون هيون، اهي درخواستون جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهرواري سرينا عيسيٰ سميت مختلف بار ڪائونسلز داخل ڪيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.