داد لغاري ۾ فنڪشنل ليگ ورڪرز ۽ حرجماعتن طرفان عمرڪوٽ ۾ ٿيل انتقامي ڪارواين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن عبدالرزاق مھر ،جان محمد مھر ،رضا مھر ۽ عابد خشڪ چيو ته پي ايس 52 عمرڪوٽ ۾ ٿيل ضمني اليڪشن کانپوءِ پيپلزپارٽي جي آشيرواد سان حرجماعت ۽ ف ليگ جي ورڪرن خلاف انتقامي ڪارواين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي ۽ حرجماعت جي ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ،
هنن مطالبو ڪيو ته عمرڪوٽ ۾ رھندڙ حرجماعت جي ماڻهن کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ سردار شاھ طرفان فنڪشنل ليگ جي ليڊرشپ خلاف ڳالھايل ٻولي جي معذرت ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا .