اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جو بائيڊن کي آمريڪي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم عمران خان واڌايون پيش ڪيون آهن.
ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته اسان نئين چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون.
I congratulate President @JoeBiden on his inauguration. Look forward to working with @POTUS in building a stronger Pak-US partnership through trade & economic engagement, countering climate change, improving public health, combating corruption & promoting peace in region & beyond
— Imran Khan (@ImranKhanPTI) January 20, 2021
سندس موجب جو بائيڊن سان پاڪ – آمريڪا ڀائيواري مضبوط ڪرڻ لاءِ پراميد آهيون ۽ آمريڪا سان واپار، معيشت ۽ ماحولياتي تبديلي جي مسئلي تي به ڪم جي خواهش رکون ٿا.
وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته بدعنواني جي خاتمي ۽ خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ به آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا.