ٺري ميرواه ۾ اسٽيپ فائونڊيشن پاران معصوم نينگري مونيڪا سان زيادتي ۽ قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتار لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرمين شائستا کھوسو ، ضلعي صدر ميڊم ثمين عباس دشتي ، نائب صدر فردوس جوڳي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ناڪا چوڪ تان ريلي ڪڍي وئي جيڪا ٺري ميرواه جي مختلف بازارن مان گذري پريس ڪلب پهتي ، جتي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته معصوم ڇوڪري مونيڪا سان زيادتي ڪري ان کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ، پر افسوس جو هن وقت تائين سندس قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن اڳواڻن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي فوري طور تي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي
رپورٽ-ايم صالح شر