اسڪينڊل ۾ ڦاٿل ڊچ حڪومت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

امسٽرڊم (ويب ڊيسڪ) هالينڊ ۾ ٻارن کي ڏنل مراعتن جي هڪ وڏي اسڪينڊل جي وڪڙ ۾ آيل ڊچ حڪومت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم مارڪ رُٽي مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان سبب هزارين والدين وڏي ناانصافي کي منهن ڏنو.

ان اسڪينڊل ۾ حڪومت خاص مراعتون حاصل ڪندڙ 20 هزار والدين کي فراڊ ڪندڙن جي فهرست ۾ وجهي ڇڏيو هو، جنهن سبب انهن سخت مالي ڏکيائين کي منهن ڏنو.

مارڪ رٽي جي حڪومت اهڙي وقت تي استعيفيٰ ڏني آهي، جڏهن ڪجهه وقت کانپوءِ هالينڊ ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.