لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جو مالي سهائتا لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي بازيگر پل واري علائقي جي رهواسي پيرسن پورهيت حاڪم علي چانڊيو مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. جتي هن دانهيندي چيو ته گذريل برساتن سبب منهنجو گهر ڊهي پٽ پئجي ويو آهي، ٻچڙا کليل آسمان هيٺ ويٺا آهن، مان پورهيو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان، ايتري سگهه ناهي جو ٻيهر پنهنجو گهر ٺهرائي سگهان. هن لاڙڪاڻي جي ضلعي انتظاميه ۽ عشر زڪوات ڪاميٽي جي چيئرمين توڙي سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي مالي سهائتا ڪئي وڃي جيئن آءُ گهر ٺهرائي سگهان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.