جماعت اسلامي جو ڪراچي ۾ سڀاڻي کان ڌرڻا هڻڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي حقن مهم نئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي، جماعت اسلامي ڪراچي سڀاڻي کان شهر ۾ ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪري ڪيو آهي.

اداره نور حق ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي دشمن جو ثبوت ڏئي رهيون آهن، پي ايس پي جا ماڻهو چائنا ڪٽنگ ۾ملوث رهيا آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي ڪراچي کي صوبي جو حصو ئي نٿي سمجهي ۽ نه ملازمتون پئي ڏئي ۽ نه ئي ادارا ٺيڪ پئي ڪري.

هن مطالبو ڪيو ته ڪراچي جي آبادي ٽي ڪروڙ آهي ان کي درست ڳڻيو وڃي، سندس چوڻ هو ته وزير اعظم ڪراچي جي لاءِ جيڪو 1100 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو ڪراچي جي شهرين کي ڪو به فائدو نه ٿيو جڏهن ته جماعت اسلامي هن شهر جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

حافظ نعيم الرحمان واضح ڪيو ته سڀاڻي کان ڪراچي تحقي جي تحت احتجاج جو آغاز پيو ٿئي، سڀاڻي نرسري اسٽاپ تي ڌرڻو لڳندو، 16 جنوري تي فائيو اسٽار چورنگي، 17 جنوري تي اله دين پارڪ، 23 جنوري تي ڪريم آباد جڏهن ته 28 جنوري تي شهر جي 50 جاين جي لڳ ڀڳ ڌرڻا هنيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.