ٽنڊو مير علي ۾ چڙهائي، ٻارن تي تشدد،3 عورتون زخمي، نوجوان کڻي ويا، احتجاج

خيرپور ( ڊ ر ) ٽنڊو مير علي ڀرسان ميرواهه پوليس جي پيرسن جي گهر تي چڙهائي، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد بعد گهر ۾ پيل سونا زيور، ٽيهه هزار روپيه روڪ ۽ اڱڻ ۾ بيٺل  ڊاٽسن، ٻه موٽرسائيڪلون، ڪارگو ۽ ٻيو سامان جي ڦرلٽ نوجوان نارو مل پٽ چندو مل کي کنڀي غائب ڪري ڇڏيو. پوليس جي اهڙي عمل خلاف متاثرن چندو مل، بنجارو مل ۽ ٻين خيرپور پهچي صحافين آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته ميرواهه ٿاڻي جي ٿاڻيدار غلام محي الدين ڪلوڙ ۽ هيڊ ڪانسٽيبل سبحان علي خاصخيلي بنان جواز پنهنجي پٽي ڀائي ساٿين سان گڏجي ٽن موبائلن ۾ سوار ٿي اسان جي گهرن تي چڙهائي بعد ٽن عورتن حسينه، نظيران ۽ منڊم کي زخمي ڪري گهر ۾ رکيل سونا زيور، ٽيهه هزار روڪ، ڪارگو رڪشه، ڊاٽسن، ٻه موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦرڻ بعد مزاحمت تي نوجوان نارو مل کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.  هنن چيو ته اسان غريب آهيون خبر ناهي پوليس اسان مٿان ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڪهڙي ڳالهه جو انتقام وٺي رهي آهي. هنن آءِ جي پوليس سنڌ، ڊي آءِ جي پوليس سکر، آر پي او سکر، ايس ايس پي خيرپور، ڊي ايس پي ميرواهه ۽ ٻين وس وارن کان مدد جي اپيل ڪندي چيو ته ميرواهه ٿاڻي جي پوليس اسان لاءِ عذاب بڻجي ويئي آهي خدارا اسان کي انهن جي ظلمن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ بي گناهه کنڀيل نينگر نارو مل کي بازياب ڪرائيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.