شادي لارج ۾ ايف آئي اي اسلام آباد جي ٽيم پاران چيما فلنگ اسٽيشن تي ڇاپو هڻي ان کي سِيل ڪيو ويو،
ايف آءِ اي جي ٽيم ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ عابد حسين جي اڳواڻي ۾ کوسڪي پوليس سان گڏ جي شادي لارج باء پاس وٽ چيما فلنگ اسٽيشن پهتي جتي پمپ کي غير قانون ڄاڻائيندي سِيل ڪري ڇڏيو ، ايف آءِ اي ٽيم موجب پيٽرول پمپ مالڪن وٽ اوگرا جو لائسنس نه هو ۽ اهي غير قانوني طريقي سان پمپ هلائي رهيا هئا