سڄو پنجاب ” پيزا پيزا“ چئي اسٽيبلشمينٽ خلاف اٿي بيٺو آهي: ترقي پسند دانشور

حيدرآباد(رپورٽر) پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو ۽ حقوق خلق پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ “موجوده سياسي صورتحال ۽ کاٻي ڌر” جي عنوان هيٺ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي ترقي پسند دانشور عمار  علي جان چيو ته وڏي عرصي کانپوءِ جنهن پنجاب ۾ قبرستان واري خاموشي هئي، اتي هاڻ آواز اٿي رهيا آهن، سنڌ جو نوجوان شعوري سطح تي پاڪستان جي ٻين قومن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سگهارو آهي، سنڌ جو نوجوان پنهنجي سڃاڻپ کي بچائيندو اچي پيو. هن چيو ته نوجوان ڊگريون هٿ ۾ کڻي سفارش تي ڪجهه هزارن جي نوڪري ڪرڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته هتي انساني حقن کان وڌيڪ انسانيت جو هجڻ وڏو مسئلو بڻيل آهي، هن چيو ته سرمائيداري بحران جي ڪري قومي ۽ طبقاتي سوال تي ڳالهايو ئي نٿو وڃي، سرڪاري رپورٽ موجب گذريل سال 2 ڪروڙ ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، اسڪولن ۾ ٻارڙن جي داخل بند ٿي وئي آهي، لکين ماڻهو بکون ڪاٽي رهيا آهن، اسپتالن کي خانگائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ادارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، پر مٿان هتي وري نوان شهر اڏڻ جون به ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، سي پيڪ به پوئتي هليو ويو آهي، هاڻ هي عوام جي کيسن مان ئي پئسا ڪڍي پنهنجا پيٽ ڀريندا. هن چيو ته پنجاب ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف آواز اٿي رهيو آهي، پنجاب جا ماڻهو به سمجهي ويا آهن ته ملڪ کي ڪير هلائي رهيو آهي، سڄو پنجاب پيزا پيزا ڪري رهيو آهي، هي موقعو آهي ته اسان مظلومن جي آواز کي پاڻ ۾ گڏايون، کاٻي ڌر جي سياست جي ذريعي مظلوم جو آواز بڻجونهن چيو ته ٻڌايو وڃي ته محمد بن قاسم کان وٺي 92ع جي ورلڊ ڪپ تائين توهان اسان کي ڏنو ڇا آهي، حقيقت ۾ عوام کي رڳو بک ۽ بدحالي کانسواءِ ڪجهه به نه مليو آهي، هن چيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو مسئلو پاڪستان جو وڏو مسئلو آهي، گم ٿيڻ اسان جي سياسي زندگي جو اهم حصو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي خواهش موجب پي ڊي ايم مزاحمت ڪرڻ چاهي ٿي ته اسان سندن مدد ڪنداسين، ترقي پسند ليکڪ بلال ظهور چيو ته دنيا ۾ پاپولزم ۽ فاشزم جي هڪ لهر هلندڙ آهي، اهو بنيادي سوال آهي ته ان صورتحال ۾ کاٻي ڌر ڪٿي بيٺي آهي ۽ بيڪ فٽ تي ڇو آهي، ڪيپٽلزم ڇو اڀري رهيو آهي، اسان کي 21 صديءَ جي سياست کي ڏسڻ گهرجي ۽ کاٻي ڌر جي سياست کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. ليڪچر پروگرام ۾ عرفانه ملاح، عاليا بخشل ٿلهو سميت شاگردن ۽ سياسي ڪارڪنن به شرڪت ڪري سوال پڻ پڇيا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.