ٻڌايو وڃي هيل تائين گم ٿيل بازياب ڇو نه ٿيا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرڻ تي  پوليس ۽ جي آءِ ٽي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مسنگ پرسن جي جي آءِ ٽي سربراهه کي طلب ڪري ورتو آهي .عدالت جي آءِ ٽي جي سربراهه کان رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو وڃي هيل تائين گم ٿيل بازياب ڇو نه ٿيا آهن .بدقسمتي آهي ته جي آءِ ٽيز جا اجلاس ڪهڙي ڪم جا نه آهي .عدالت ۾ عورت ٻڌايو ته هن جو مڙس عادل  چئن سالن کان گم آهي ڪابه خبر نه آهي عدالت پوليس سميت ٻين کان 27 جنوري تائين مڪمل رپورٽ گهري ورتي آهي .ٻئي پاسي ٻه هفتن کان گم شاگرد ضياشيخ جي بازيابي جي درخواست تي گهروکاتو،آءِ جي سنڌ۽ ڊي جي رينجرز سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ گهري ورتي آهي .درخواستگذارموجب  22سالن جو ضياشيخ 31ڊسمبر جو رات 3وڳي اڻڄاتل ماڻهو اغواڪري ويا .خبر پئي آهي ته قاسم رينجرز حيدر آباد ۽ سچل رينجرز حيدرآباد وٽ آهي ضيا شيخ جو ڪو به ڪرمنل رڪارڊ نه آهي .جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته حيدر آباد بئنچ ۾ درخواست داخل ڇو نه ڪئي .درخواست گذار چيو ته گهروارا ڪراچي ۾ آهن، ان کي هراسان ڪيو پيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.