ملير ايڪسپريس وي ۽ ملير واسين جا اعتراض

 

ترقيءَ تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجڻ گهرجي، ترقي هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو سماجن کي اڳتي وٺي وڃي ٿو ۽ ان جي عمل سان معاشري جو هرفرد خوشحال ٿئي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سماج جو ڪوبه فرد ترقيءَ جي خلاف نه هوندو آهي، پر جڏهن سماج جو ڪو حلقو ترقيءَ جي عمل جي خلاف هُجي، پوءِ کڻي ترقي ڪهڙي به شعبي ۾ ٿيندي هُجي ته ان ڳالهه تي سوچ ويچار ڪرڻ وقت جي حڪمرانن ۽ حڪومت لاءِ انتهائي ضروري آهي، پر جي ائين نه ٿيو ۽ عوام جي راءِ کي ريٽي عوام جي مرضيءَ ۽ خواهشن خلاف ترقيءَ جي عمل کي مڪمل ڪيو ويو ته ان جي نتيجا هوند ڪنهن به طور تي نه ته بهتر نڪرندا ۽ نه ئي دور رس هوندا.ڪراچيءَ ۾ ملير ايڪسپريس وي جو منصوبو زير غور آهي جنهن کي سرڪار عملي جامعو پهرائڻ چاهي ٿي، ملير ايڪسپريس وي جو مقصد بحريه ٽائون ۽ ڊي ايڇ اَي سٽي کي دفينس ڪراچيءَ سان جوڙڻ آهي جنهن بعد ڊفينس، ڊي ايڇ اَي سٽي ۽ بحريه ملي هڪ ٿي ويندا ۽ نتيجي ۾ شهر ۾ هڪ اهڙو خوش پوش علائقي وجود ۾ اچي ويندو جيڪو نئين ڪراچيءَ جو چهرو هوندو، اهڙو شهر، شهر جي غريب عوام جي پهچ ۽ رهائش کان بلڪل به مٿي ۽ ناممڪن هوندو، ۽ باقي شهرڄڻ پراڻي شهر طور تي هڪ گند پيٽيءَ جي صورت اختيار ڪري ويندو.ترقيءَ جي نالي تي تباهي هڪ اهڙو موقف آهي جيڪو سنڌي عوام 1947ع بعد مختلف نمونن سان رکندو آيو آهي، سنڌي عوام جو چوڻ آهي ته اسان جي سرزمين تي ٿيندڙ اهڙي ترقي ڪهڙي ڪم جي جيڪا سڄي جڳ جهان جي ماڻهن لاءِ ته هُجي پر اسان جي لاءِ نه هُجي، اسان جنهن سرزمين تي رهون ٿا ان سرزمين تي ٿيندڙ هر ترقيءَ جو عمل فقط ۽ فقط اسان جي لاءِ هجڻ گهري ۽ اها اسان کي اجازت هجڻ گهرجي ته اسان پنهنجن شهرن، سرزمين ۽ ادارن جي ترقي پاڻ ڪيون، سندن اهو به چوڻ آهي ته اهڙي ترقيءَ مان جيڪڏهن ڪو ٻيو ڪو فائدو حاصل ڪري ٿو ته ان سان اسان کي ڪابه تڪليف نه ٿيندي، پر موٽ ۾ اسان کي خوشي ٿيندي. پر هتي ته بدقسمتي اها آهي ته اسان جي وسيلن سان، اسان جي شهرن ۾ ترقي ته ٿئي ٿي پر ان ترقيءَ کي اسان استعمال ڪري نه ٿا سگهون ۽ نه ئي اهڙي ترقي اسان جي فائدي ۾ هوندي آهي،پاڪستان جي قيام بعد سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ جيڪي به ترقياتي منصوبه شروع ٿيا آهن، انهن ۾ سنڌ جي عوام جي شموليت اٽي ۾ لوڻ برابر هوندي آهي ۽ انهن منصوبن مان سنڌ جو عوام ڪنهن به طور تي فائدو حاصل ڪري نه سگهندو آهي، اها هڪ اهڙي تلخ حقيقت آهي جنهن سنڌي عوام کي انتهائي محرومين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچيءَ ۾ اسٽيل ملز هُجي، ڪراچي شپيارڊ هُجي،ڪراچي بندرگاهه هُجي يا وري بحريه ٽائون هُجي، ڊي ايڇ اَي سٽي هُجي، ڊفينس هائونسگ سوسائٽي هُجي، لياري ايڪسپريس وي هُجي يا وري ٻيا انيڪ منصوبه هجن اهي سمورا جو سموران سنڌ جي وسلين، ڌرتيءَ تي قائم ڪيا ويا آهن پر انهن مان سنڌي عوام کي ڪنهن به قسم جو لاڀ نه ڏنو ويو آهي.هن وقت ملير ايڪپريس وي جو منصوبو عمل هيٺ آهي جنهن خلاف پڻ ملير جو عوام سخت احتجاج جي صورت بڻيل آهي، ملير جي عوام جو موقف آهي ته ملير ايڪپريس وي اڻ ڳڻين سنڌي ڳوٺن ۽ آبادين جي وچ مان گذري ٿو جنهن ڪري هڪ طرف انهن آبادين جون زمينون ضايع ٿينديون ۽ ٻئي طرف ان منصوبي سان قديم ڳوٺن جا تاريخي ماڳ، چراهه گاهه، کوهه، درگاهون، قبرستان ڊاهي پٽ ڪيا ويندا، ملير جي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ملير ايڪسپريس وي کي اهڙي رستي تان گذاريو وڃي جيڪو آبادين کان پري هُجي، جنهن سان قديم ڳوٺن کي ڪو نقصان نه پهچي.ملير جي عوام جو اهو به اعتراض آهي ته ملير ايڪسپريس وي رٿا جوڙڻ کان اڳ نه ته علائقي جي عوام کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي نه ئي عوام کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، جيڪڏهن چونڊيل نمائندن ۽ عوام جي عيوضين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ها ته هيءَ صورتحال پيدا نه ٿئي، پر ائين نه ڪيو ويو.ٻئي طرف سنڌ سرڪار جي سڌ سماءَ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته ملير ايڪپريس وي جو اهو ئي رستو متعين ڪيو ويندو جيڪو ملير جو عوام چاهيندو ۽ حڪومت هر صورت ۾ عوام جي خدشن کي ختم ڪندي، ملير ايڪسپريس وي جي حوالي سان ملير جي عوام جو احتجاج جاري آهي، جنهن ۾ هاڻي سياسي، سماجي ڌرين سان گڏ سنڌ جي سول سوسائٽيءَ جا نمائنده پڻ شامل ٿي ويا آهن. اسان ملير جي عوام جي اهڙي احتجاج کي مان ڏيون ٿا ۽ ان موقف کي دهرايون ٿا ته اها ترقي ڪنهن به ڪم جي نه آهي جيڪا ڌرتي ڌڻين ۽ مقامي ماڻهن کي فائدو ڏئي نه سگهي.اسان هن موقعي تي هر اهڙي موقف کي پڻ رد ڪنداسين، جنهن ۾ اهو چيو ويندو آهي ته سنڌ جو عوام ترقيءَ جي عمل جي خلاف آهي، پر ان جي موٽ ۾ اسان اهو مطالبو ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته ڪراچيءَ ملير ايڪپريس وي ملير جي عوام جي خواهشن مطابق جوڙي راس ڪيو وڃي ان سميت ڪراچيءَ کان سنڌ جي هرضلعي تائين اهڙا ايڪسپريس وي جوڙيا وڃن جيڪي سنڌ جي شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ کي ڪراچيءَ سان ڳنڍي ڇڏين، اسين اهو مطالبو ڪرڻ ۾ به حق بجانب آهيون ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جو منصوبو سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ حڪومت ان کي ترقي ڏياري، ۽ اسان اهو مطالبو ڪرڻ ۾ پڻ حق بجانب آهيون ته سموري سنڌ جو ريلوي نظام 1947ع کان اڳ واري صورتحال ۾ جيئن جو تيئن بحال ڪيو وڃي، اسين اهو به مطالبو ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته اسٽيل ملز جو منصوبو سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ حڪومت ان کي ترقي ڏياري، اسان اهو مطالبو ڪرڻ ۾ پڻ حق بجانب آهيون سنڌ ۾ وفاق جي اهڙا سمورا منصوبا جيڪي ناڪام ٿي رياست ۽ حڪومت تي بار ٿي پيا آهن، سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن سنڌ حڪومت انهن کي ترقي ڏياري….، گذارش فقط اها آهي ته سنڌ جي عوام کي ترقيءَ جي عمل ۾ شامل ڪيو ۽ سنڌ جي عوام کي به ترقي ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي، سنڌ جو عوام ترقيءَ جي خلاف نه آهي پر ان جي خلاف ضرور آهي ته سندن سرزمين تي سندن جي وسلين سان ٻيو ڪو ترقي ڪري ۽ هو محروم رکيا وڃن.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.