ڪراچي ۾ ڪيميڪل فيڪٽري کي باهه، 8 ڄڻا بيهوش

ڪراچي  (م ڊ ) ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا ۾ هارون آباد ڀرسانڪيميڪل فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 8 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا  آهن. باهه کي ٽين درجي جي قرار ڏئي سموري شهر مان فائر برگيڊ کي طلب ڪيو ويو. باهه لڳڻ سبب فيڪٽري جي ڇت تي ڦاٿل 2 مزدورن کي به بچايو ويو ، ريسڪيو عملو ٻنهي مزدورن کي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. باهه لڳڻ واري اطلاع تي فائر برگيڊ جون گاڏيون پهچي ويون.فائر برگيڊ عملي جو چوڻ آهي ته باهه ٽئين درجي جي هئي، باهه لڳڻ جا ڪارڻ  سامهون نه اچي سگهيا آهن. ريسڪيو ذريعن موجب گهٽ ۾ گهٽ 8 ماڻهن کي بيهوشي واري حالت ۾ ٻاهر ڪيو ويو، جن کي عباسي شهيد اسپتال ۽ سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي، زخمي ٿيل مزدورن کي ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.