ٺٽي ۾ رولو ڪتن جو آزار برقرار، نينگر ڏاڙهي زخمي

ٺٽو(بيورو چيف) ٺٽي ۾ رولو ڪتن جو آزار ختم نہ ٿيو، انتظاميہ ڪوبہ ٻوٽو نہ ٻاريو، صحافي ايوب ملاح جو ڀائيٽو بہ رولو ڪتن ھٿان ڏاڙجي  ويو، مڪلي اسپتال داخل. صحافي ايوب ملاح جي ڀائيٽي ساحل موسيٰ ولد موسيٰ قمر جي پٽ کي درگاھ ستيون لڳ ڳوٺ خالو ميربحر ۾ رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو آھي، جنھن کي علاج لاء سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪيو ويو آھي، ڪتن کيس ٻانھن ۽ ٽنگن ۾ زخم رسايا آھن. روزانو رولو ڪتا ڪنھن نہ ڪنھن معصوم ٻارڙي کي ڏارھي زخمي ڪن ٿا پر انتظاميہ نہ ڪو تحرڪ ورتو آھي ۽ نہ ئي ڪتا مار مھم شروع ڪري سگھي اھي، جنھن ڪري معصوم ٻارڙن جون زندگيون ھميشہ خطري ھيٺ آھن، رھواسي ڊي سي ٺٽو ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان نوٽيس وٺي فورن ڪتا مار مھم شروع ڪري معصوم ٻارڙن کي رولو ڪتن جي آزار مان نجات ڏيارڻ جي گھر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.