بلوچستان حڪومت هٽائڻ کان انڪار، آءِ جي ايف سي ۽ ڊي پي او تبديل ڪرڻ جي خاطري

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي وزير علي زيدي  هزارا برادري  جي ماڻهن سان  تيار ڪيل ٺاهه جا تفصيل ظاهر ڪري ڇڏيا. ٽوئيٽ ڪندي علي زيدي چيو ته قوم ڌرڻو هڻندڙن جي مطالبن ۽ حڪومت پاران تيار ڪيل ٺاهه کي ڏسي وٺي،  حڪومت طرفان  مطالبا منظور ٿيڻ کانپوءِ ٻن ڏينهن کان معاهدو تيار آهي.هن چيو ته  انساني جان جي ڪابه قيمت ناهي،معاوضي جي رقم ۾ ڪافي اضافو ڪيو ويو آهي، سمورا مطالبا مڃڻ جي باوجود  ڪهڙيون ڌريون آهن، جيڪي بي گناهه شهيدن جي لاشن  تي سياست ڪري رهيون آهن. وفاقي حڪومت مچ ۾ بيدردي سان قتل ڪيل  پورهيتن جا 10 مطالبا مڃي ورتا، مطالبن ۾  آءِ جي ايف سي کي هٽائڻ،ونگ ڪمانڊر، ايف سي، ڊي پي او ۽ ڊپٽي ڪمشنر بولان کي مجرماڻي غفلت سبب برطرف ڪري جاچ ۾ شامل ڪرڻ شامل آهي.مطالبن ۾ دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ،سانحي ۾ ملوث دهشتگردن کي ڦاسي ڏيڻ به  شامل آهي.لسٽ مطابق هينئر تائين سانحن ۾ شهيد ڪيل  ٻه هزار معصومن جي قتل عام جي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ،مچ جي شهيدن جي هڪ خاندان کي پنجاهه لک رپيا ڏيڻ،غائب ڪيل شيعا برادري جي ماڻهن کي بازياب ڪرڻ جو مطالبو به مڃي ورتو.سانحي  علي آباد کانپوءِ 9 بي گناهن کي بنا ثبوت جي گرفتار  ڪيلن کي  آزاد ڪرڻ ،ڪوئيٽا ۽ ڪراچي روٽس تي پورهيتن جي تحفظ، هزارا برادري جا بلاڪ ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ  جا مطالبا به تسليم ڪري ورتا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.