سکر ۾ 11 ورهين جي نينگري اجتماعي زيادتي جو شڪار

سکر(رپورٽ : شفيع محمد ابڙو ) سکر ۾ يارهن ورهين  جي نينگري کي 3 جوابدار مبينا طور اغوا ڪري جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد ڇڏي ويا.سکر جي علائقي بچل شاھ مياڻي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ويجهو رهندڙ يارهن ورهين جي نينگري کي وحشي جوابدار اغوا ڪرڻ بعد ڪچي جي علائقي ۾ رکي جنسي هوس جو نشانو بڻائڻ بعد بيهوشي واري حالت ۾ بچاءَ بند تي اڇلائي فرار ٿي ويا،نينگري هوش ۾ اچڻ بعد ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ جوابدار رشيد شيخ، ممتاز ۽ رياض شيخ اغوا ڪرڻ بعد ڪچي طرف کڻي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو.وارثن واقعي جو اطلاع ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڏنو جنهن بعد علاج لاءِ اسپتال نيو ويو.ٻئي طرف اطلاع آهن ته پوليس هڪ جوابدار کي حراست  ۾ ورتوآهي،هوڏانهن معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ علائقي جي بااثرن پاران  ڪوششون جاري آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.