آمريڪا آهي يا پاڪستان، ڪيپيٽل هل حملي بعد سوشل ميڊيا بحث

اسلام آباد(م ڊ) آمريڪي پارليامينٽ ( ڪانگريس) جي عمارت ڪيپيٽل هِل تي ٽرمپ حامين جي حملي تي سوشل ميڊيا تي آمريڪا ۽  پاڪستان جي ڀيٽ ڪئي پئي وڃي. ڪجهه صارفن 2014ع ۾ عمران خان جي ڌرڻي ۽ پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملي سان ڀيٽيو ته ڪن 1999ع ۾ مشرف جي فوجي بغاوت سان ڀيٽيو ۽ تصويرون رکيون. پاڪستان کان آمريڪا منتقل ٿيل شهري به پريشان لڳا، هڪ ڊاڪٽر فهيم چيو ته اهڙي صورتحال کان ڀڄي آمريڪا آيس هتي به ساڳيو حال آهي.  نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته عمران 2014ع  ۾ جيڪو ”شاندار“ مثال جوڙيو، نيٺ ٽرمپ حامين به ان مثال جي پيروي ڪئي. هن چيو ته هن سان لڳي ٿو ته پاڪستان آمريڪا کان 6 سال اڳتي آهي. هن چيو ته صدر ٽرمپ عمران جونيئر آهي يا عمران ٽرمپ جونيئر آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.