لاڙڪاڻي ۾ پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي ڊويزنل اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل ڪورٽ جي جج ڳوٺاڻي آسائش لاءِ مخصوص ڪيل پلاٽ 20 ڏينهن اندر قبضو ختم ڪري پلاٽ آبپاشي کاتي حوالي ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. ان سلسلي ۾ قمبر تعقلي جي ڳوٺ غازي خان چانڊيو جي رهواسي ماجد حسين چانڊيو اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته جوابدارن حاجن علي چانڊيو، سلطان احمد، منٺار علي، غلام محمد، غلام ياسين ۽ ٻين ڳوٺ غازي خان چانڊيو ديهه لشڪري چانڊيو تعلقي قمبر ۾ ڳوٺاڻي آسائش لاءِ مخصوص ڪيل پلاٽ تي غيرقانوني قبضو ڪري ان پلاٽ تي ڪجهه گهرن جي اڏاوت ڪئي آهي.  اهڙي ڪيس کي اڪلائيندي اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل لاڙڪاڻي ڊويزن جي جج عباس حيدر گاد واسطيدار آفيسرن جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر قمبر، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ فورس قمبر، مختيارڪار قمبر ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس سميت ٻين واسطيدارن عملدارن کي حڪم ڪيو آهي ته 20 ڏينهن اندر ڳوٺاڻي آسائش لاءِ مخصوص ڪيل پلاٽ تان غيرقانوني قبضو ختم ڪرائي پلاٽ آبپاشي کاتي جي حوالي ڪري اهڙي رپورٽ اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل لاڙڪاڻي ۾ جمع ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.