ڪوٽڏيجي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن جو آزار، 4 ٻار ڏاڙهي زخمي

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ )  ڪوٽڏيجي جي مخلتف ڳوٺن ۽ علائقن ۾  ھڪ ڏينھن اندر معصوم  نينگري سميت 4 ٻارڙن کي رولو ڇتن  ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو جنهن ۾ ٽائون ڪاميٽي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ ٽنڊو شاه واسي 7 سالا نينگر ريحان ولد انصاف پريو، يوسي ديھ سوهو جي رهواسي  9 سالا نينگر  عقيل ولد قمرالدين سوهو ،يوسي رحيم بخش وساڻ جو رهواسي ميرواه پل تي رهندڙ 8 سالا نينگر روشن ولد غوث بخش چانڊيو جڏهن ته ساڳيو ئي يوسي رحيم بخش وساڻ جي رهواسڻ 8 سالا معصوم نينگري شمع ڌي عنايت گوپانگ شامل آھن ڇتي ڪتي جي ڏاڙهجڻ کان بچاء خاطر وارثن تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي مان ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ واري ويڪسين ڪرائڻ بعد احتجاج ڪندي چيو ته عدالتي حڪم باوجود ٽائون ڪاميٽي ڪوٽڏيجي ۽ تعلقي جي مڙن ئي يوسيز انتظاميا پاران رولو ڪتن خلاف ڪابه حڪمت عملي ناهن جوڙي صرف فوٽو سيشن ڪري ڪوڙا بل ٺاهي بجيٽ هلپ ڪري رهيا آهن ڪافي ڀيرا  رولو ڪتن جي اظاهر بابت شڪايتون ڪيون پر انتظاميا جي ڪن تي جون نه چري اطلاع ڪرڻ باوجود رولو ڪتن جو ولر گهمي رهيا آهن معصوم ٻارڙا ۽ عورتون غير محفوظ آهن  انتظاميا کي گهرجي ته ڪتا مار مهم شروع ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي آخري اطلاعن تائين ڪوٽڏيجي ۽ ڪنب ٿاڻي تي ڇتن ڪتن جي ڏاڙھيل  ٻارڙن جو ٽائون آفيسر  ۽ يوسيز جي انتظاميا مان هڪ تي به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.